دينور / گلگت – 19 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ملڪ ترقي، خوشحالي ۽ روشن راهه تي گامزن آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگ??ه سان گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ ترقي جون راهون کلنديون. خنجراب ۽ راولپنڊي جي وچ ۾ 820 ??لوميٽر ڊگهي آپٽيڪل فائبر وڇائڻ جي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چي?? ته جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻندي معاشي ترقي حاصل ڪرڻ ۾ هي منصوبو انتهائي اهميت وارو آهي. هن هدايت ڪئي ته ان جو دائرو سي پيڪ منصوبي س??ن واڳيل علائقن تائين وڌايو وڃي.
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب