اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي ترجمان ڊاڪٽر ??صدق ملڪ چيو آهي ته شريف خاندان پاناما دستاويز ڪيس ۾ عدل ۽ انصاف جي اميد تي پنهنجي قانوني ۽ آئيني حق تان هٿ کڻي اخلاقي فرض ادا ڪندي پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش ڪيو پر جي آءِ ٽي جي آئين ۽ قانون کان مٿانهين طريقيڪار سان ڪجهه شڪ پکڙيا ۽ سازش جي ڌپ اچي رهي آهي،. اهڙن خي??لن ??و اظهار هن پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. ڊاڪٽر ??صدق ملڪ چيو ته جيڪڏهن اسان جي دل ۾ بغض هجي ها يا جاچ کان ڊڄون ها ته فيصلي تي مٺائي نه ورهايون ها، ڇا اسان مٺائي ان لاءِ ورهائي جيڪو طريقيڪار سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو طريقيڪار لکيو هو، ڇا ان طريقيڪار موجب جي آءِ ٽي ٺهي آهي. هن چيو ته ڇا جي آءِ ٽي انهن سمورن ثبوتن کي کڻي اڳتي وڌي، ??ا جي آءِ ٽي جي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي، ??ئونس ڌانڌلي جي ذريعي ماڻهن کي چيو ويو ته بيان حلفي واپس وٺو نه ته 15 سالن ??ي لاءِ جيل ۾ وڌو ويندو.
شريف خاندان پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش ڪيو: مصدق ملڪ
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل