اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين ملڪ ۾ عدم برداشت ۽ عدم رواداري جي وڌندڙ رجحان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو رويو ملڪ جي لاءِ تباهي آڻيند?? ثابت ٿيندو جنهن جي خراب اثرن کان انفرادي ۽ اجتماعي طور تي ڪير به بچي نه سگهندو ۽ دهشتگردي جي خ??اف قوم جون ڪاميابيون به ناڪامي ۾ بدلجي سگهن ٿيون. صدر اها ڳالهه ملڪ ۾ عدم برداشت جي وڌندڙ رجحان تي ڏک جو اظهار ڪندي چئي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته اڄ آئون انتهائي ڏکويل دل سان پنهنجي قوم کي مخاطب ??هي??ن. آئون محسوس ڪر??ان ٿو ته ملڪ ۾ عدم برداشت جو جيڪو رجحان شدت پڪڙي رهيو ??هي?? قوم خاص طور تي نوجوانن کي ان جي تباهي کان خبردار نه ڪيو ويو ۽ ان جي روڪٿام جي لاءِ پاڪستان حڪومت سان گڏ معاشري جي سمورن طبقن مڪمل هڪ جهڙائي سان تعاون نه ڪيو ته ان جا نتيجا انتهائي خ??فناڪ هوندا.
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا