اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ حرمت ۽ عظ??ت واري مهيني محرم الحرام جي 10 تاريخ آهي. ان ڏينهن کي اسلامي تاريخ عاشور جي ڏهاڙي جي نال?? سان منسوب ڪيو آهي. هي ڏينهن اسان کي ان عظيم قرباني جي ياد ڏياري ٿو جيڪا نواسه رسول صه حضرت ا??ام حسين رضه ۽ سندس ساٿين دين جي حفاظت ۽ حرمت جي لا??ِ پيش ڪئي. وزيراعظم عمران خان عاشور جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو ته ڪربلا واقعو اسان کي اعليٰ مقصد حاصل ڪرڻ جي لا??ِ ايثار ۽ قرباني جو درس ڏي ٿو. استقامت حق حاصل ڪرڻ ئي اهو مشن آهي جنهن جي لا??ِ ڪنهن به قسم جي قرباني کان نه ڪيٻائڻ گهرجي. اهو ئي اهو عمل آهي جنهن کي حضرت ا??ام حسين رضه جي حوال?? سان تاريخ اسوه شبيري جي نال?? سان منسوب ڪيو آهي جنهن ۾ اسان کي حق جي سربلندي جي لا??ِ ڄمي بيهڻ جو پيغام ملي ٿو.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت