اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هي مائنس ون ??ي ڳالهه ان لاءِ ڪن ٿا ته هي چاهين ٿا ته عمران خان کي ڪڍي انهن جي ڪرپشن بچي ويندي، آئون مائنس ٿي به ويس ته هي نه بچندا، ڪرسيءَ اچڻ وڃڻ واري شيءَ آهي، ڪڏهن ناهي چيو ت?? لازمي آهيان پر جيستائين پنهنجي نظريي ۽ اصولن تي اسان بيٺل رهنداسين ڪير اسان جو ڪجهه نه ٿو بگاڙي سگهي، ملڪ جي تشخص کي جيترو نقصان پاڪستان جي ليڊرشپ پهچايو آهي، دشمن به نه ٿو پهچائي سگهي، ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج حملي بابت اسان کي ڪو شڪ نه آهي ته اهو ڀارت ڪيو آهي، اسان جون ??يجنسيون هائي الرٽ آهن، انهي جي ڪري چئن وڏن واقعن کي ناڪام بڻايو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ مڪمل ٿيڻ تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان پارٽي جي اسيمبلي ميمبرن ۽ اتحادين جا ٿو??ا مڃيا ۽ چيو ت?? سڀني هڪ جذبي سان بجيٽ جي منظوري ۾ حص?? ورتو آهي. بجيٽ کان هڪ رات اڳ نجي ٽي وي شوز ۾ ائين پيش ڪيو پئي ويو ت?? ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ۽ هي حڪومت جو آخري ڏينهن آهي. وزيراعظم چيو ت?? هو عورت ميمبرن جو به ٿو??ائتو آهي جيڪي ايوان جي ڪارروائي ۾ ڀرپور حص?? وٺي رهيون ??هن. مون کي پارٽي جي چيف وهپ عامر ڊوگر عورت ميمبرن جي ڪارڪردگي بابت ٻڌايو آهي، آئون ??قليتي ميمبرن جو به ٿو??ائتو آهيان. وزيراعظم چيو ت?? هو پنهنجي خطاب جي شروع ۾ پاڪستان جي انهن هيروز جي قربانين جو اعتراف ڪرڻ چاهي ٿو جن ڪالهه ڪراچي ۾ پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ وارن جي منصوبي کي ناڪام بڻايو، سب انسپيڪٽر شاهد شهيد، اسٽاڪ ايڪسچينج جي محافظن افتخار، خدا يار حسن علي تمام وڏي قرباني ڏني آهي، اسان کي اهو ٻڌي افسوس ٿيو ت?? حسن علي جي ڀيڻ ڀاءُ جي شهادت جي خبر ٻڌي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي.
هي مائنس ون جي ڳالهه ان لاءِ ڪن ٿا ته هي چاهين ٿا ته عمران خان کي ڪڍي انهن جي ڪرپشن بچي ويندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر