لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ منصوبي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ??ن موقعي تي پنجاب جي چيف سيڪريٽري جواد رفيق ملڪ وزيراعظم کي منصوبي تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب بريفنگ دوران وزيراعظم عمران خ??ن منصوبي تي عملدرآمد دور??ن ماحولياتي تحفظ ۽ واٽر ??نزرويشن جي لاءِ سختي سان عملدرآمد جي خاص تاڪيد ڪئي. وزيراعظم چيو ته هي منصوبو پنجاب جي معيشت ۽ لاهور شهر جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪ??ڻ جي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته ڪورونا سبب پيدا ٿيندڙ مشڪل معاشي صو??تحال ۾ هن منصوبي س??ن ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته راوي ريور فرنٽ پراجيڪٽ سان لاهور جي رهواسين جي لاءِ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ترقياتي منصوبن جي حوالي سان هر رڪاوٽ ترجيحي بنيادن تي ختم ڪ??ڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن هدايت ڪئي ته پراجيڪٽ جي مڪمل ٿيڻ دور??ن ماحولياتي نظام تي منفي اثر نه پون ۽ واٽر ??نزرويشن جو پڻ خاص خيال رکيو وڃي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ منصوبي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa