اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي پاڪستان پوسٽ کي 45 ڏينهن اندر معذور رٽائرڊ ملازم جي پٽ کي ڀرتي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سکر جي رهواسي محمد شاهد پاڪستان پوسٽ آفيس ڊيپارٽمينٽ طرفان معذور ملازمن جي ڪوٽا تي پٽ جي ڀرتي جي درخواست وڏي عمر جي بهاني رد ڪرڻ تي وفاقي محتسب ۾ شڪايت جمع ڪرائي هئي، صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي پاران معمولي غذر تي معاملي کي ڏکيو بڻائڻ ۽ ملازمت نه ڏيڻ تي کاتي جي ڪن مهٽ ڪئي وئي، صدر معاملي کي حل ڪرڻ ۾ غير معمولي دير تي ناراضگي جو اظهار ڪيو، صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي چيو ته هڪ معمولي عذر تي هڪ معذور شخص جي معاملي کي ڏکيو ڪرڻ افسوسناڪ آهي، معذور ماڻهن جي خلاف امتيازي سلوڪ جهڙن نامناسب روين جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي، صدر پوسٽ آفيس ڊپارٽمينٽ کي معذور ملازمن جي ٻارن کي ڏنل نوڪرين جا ت??صي?? فراهم ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي آهي.
صدر پاران پاڪستان پوسٽ کي 45 ڏينهن اندر معذور رٽائرڊ ملازم جي پٽ کي ڀرتي ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا