اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قبا??لي علائقن جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، موجوده ح??ومت پهريون ڀيرو فاٽا جي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڪوشش ڪئي، فاٽا سڌارن جي عمل کي علائقي جي عوام ??ي خواهشن موجب پڄاڻي تائين پهچايو ويندو. هن اها ڳالهه قبا??لي علائقن جي مختلف ايجنسيز سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جي صدرن، نائب صدرن جنرل سيڪريٽريز تي ٻڌل وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت سيفران واري مملڪتي وزير غالب خان ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ فاٽا سڌارن، قبا??لي علائقن جي تعمير ۽ ترقي ۽ علائقي جي لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته قبا??لي علائقن جي عوام جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج