اسلا?? آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي عوام کي درپيش مسئلن جي نشاندهي ۽ انهن جي فوري حل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پ??هنجي تڪن ۾ عوام سان لاڳيتو رابطي ۾ رهن. هن اها ڳالهه لاهور ۽ ساهيوال ڊويزن سان تعلق رکندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن سان وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود، وزيراعظم ??و سياسي معاملن وارو خصوصي معاون نعيم الحق ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ??و سيڪريٽري جنرل ارشد داد پڻ موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز