اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) وفاقي ڪابينا شگر انڪوائري ڪميشن رپورٽ جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تازي فيصلي جي آجيان ڪندي ڪميشن رپورٽ جي سفارشن ج?? حوالي سان مستقبل جي حڪمت عملي ۽ فيڊرل ميڊيڪل ٽيچنگ انسٽيٽيوٽ ايڪٽ 2020ع جي تجويز ڪيل مسودي ??ي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم ڪڻڪ کي عوام جي بنيادي ??رورت قرار ڏيندي چيو ته مل?? جي وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي ڊگهي مدي واري منصوبابندي ??ي ضرورت آهي ته جيئن آبادي ??ي ضرورتن موجب ڪڻ?? جي پيداوار ۽ سپلائي کي يقيني بڻائي سگهجي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان ج?? صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا شگر انڪوائري ڪميشن رپورٽ جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تازي فيصلي جي آجيان ڪندي ڪميشن رپورٽ جي سفارشن ج?? حوالي سان مستقبل جي حڪمت عملي جي منظوري ڏني. وزيراعظم چيو ته کنڊ جي قيمتن ۾ اضافي جي حوالي سان جاچ جي لاءِ ڪميشن ج?? قيام عوامي مفاد ۾ ڪيو ويو. هن انڪوائري ڪميشن ج?? سفارشن ج?? ڏس ۾ لاڳاپيل ادارن کي ڏني ويندڙ ذميوارين ج?? حوالي سان هدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل ادارا مقرر مدي ۾ ان معاملي کي منطقي انجام تائين پهچائين. وزيراعظم عمران خان ج?? هدايت موجب خاص معاونين پاران اثاثن جا تفصيل پيش ڪرڻ جي عمل ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم عمران خان ج?? هداي?? جي روشني ۾ سمورن خاص معاونين پاران پنهنجي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرايا پيا وڃن. تازي اطلاعن موجب هيستائين هڪ صلاحڪار جڏهن ته ٽن خاص معاونين کي اڃا اثاثا جمع ڪرائڻا آهن ج??ڪي جمع ڪرايا ويندا. ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ بابت قدمن ج?? حوالي سان ناڻي واري صلاحڪار ڪابينا کي ڪڻ?? جي صورتحال، صوبائي حڪومتن پاران ڪڻ?? جي خريداري، ذخيرن ج?? صورتحال ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽٽائي آڻڻ جي حوالي سان صوبائي حڪومتن ج?? مشاورت سان ڪيل فيصلن کان آگاهه ڪيو.
اطلاعات واري وزير شبلي فراز پاران وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک