بيجنگ- 17 مارچ (اي پي پي) چين?? صدر شي جن پنگ 20 مارچ تي روس جو 3 ڏينهن جو دؤرو ڪندو. چيني خابرو اداري مطابق چيني ??رڏيهي وزارت جي ترجمان هوا چونينگ ٽوئيٽ ۾ ٻُڌايو ته روس?? صدر ولادي ميرپيوٽن جي دعوت تي چين?? صدر 20 کان 22 مارچ تائين روس جو سرڪاري دؤرو ڪندو. چين?? صدر جو دؤرو روس دوستي تعاون ۽ امن جو ٽرپ هوندو. هن چيو ته چين ۽ روس ڪنهن به ٽڪراءَ، اتحاد ۽ ڪنهن ٽين ڌُر کي نشانو بڻائڻ کان بنا بين الاقوامي لاڳاپن ۾ جمهوريت کي هٿي ڏ??ي رهيا آهن. ٻئي طرف روسي حڪومت چيو ته چين?? صدر جي روس واري دؤري دوران روس ۽ چين وچ ۾ جامع شراڪتداري جي لاڳاپن ۽ اسٽريٽجڪ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. ڪريملن مطابق ملاقات دوران بين الاقوامي معاملن تي روس ۽ چين تعاون کي وسعت ڏيڻ تي پڻ ڳالهيون ٿينديون ۽ ڪيترن ئي اهم ٻه طرفن دستاويزن تي صحيحون پڻ متوق?? آهن.
چيني صدر 20 مارچ تي روس جو 3 ڏينهن جو سرڪاري دؤرو ڪندو
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر