تهران _ 28 آگسٽ (اي پي پي ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله ??يد علي خامنه اي ملڪ جي ايٽمي پروگرام جي حوالي سان آمريڪا سان ڳ??لهين جا دروازا کولي ڇڏيا آهن. پرڏيهي اداري مطابق آيت الله خامنه اي صدر مسعود پيز شڪيان جي انتظام هيٺ ايراني حڪومت کي ٻڌايو ته دشمن سان ڳ??لهيون ڪرڻ ۾ ڪا رڪاوٽ ناهي، جڏهن ته هن پنهنجو اهو موقف به ورجايو ته آمريڪا اعتبار جوڳو ناهي. سرڪاري ٽيليويزن تي نشر بيان ۾ ??يد علي خامنه اي چيو آهي ته اسا?? کي پنهنجون اميدون دشمن مان نه رکڻ گهرجن، پنهنجن منصوبن لاءِ اسا?? کي دشمن جي منظوري جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته اهو تضاد ناهي ته دشمن سان ڪجهه موقعن تي ڳالهيون ڪيون ??ڃن ۽ ان حوالي سان ڪا رڪاوٽ ناهي. آيت الله خامنه اي (جنه?? کي سمورن رياستي معاملن ۾ حتمي اختيار حاصل آهي) صدر پيز شڪيان جي حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته دشمن تي ڀروسو نه ڪيو وڃي.
ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي پاران ايٽمي پروگرام بابت آمريڪا سان ڳالهين جي اجازت، دشمن تي ڀروسو نه ڪرڻ جو مشورو
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری