واشنگٽن – 7 جنوري (اي پي پي ) آمريڪي رياست لوزيانا ۾ برڊ فلو سبب 65 سالن جو شخص فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته صحت کاتي جو چوڻ آ??ي ته عوامي سطح تي ڪنهن وڏي خطري جو خدشو ناهي . پرڏيهي ميڊيا لوزيانا جي صحت کاتي جي حوالي سان ٻڌايو ته متاثر شخص ڊسمبر جي وچ ۾ اسپتال ۾ داخل ٿيو هو . بيماري تي ضابطو آڻڻ بابت آمريڪي سينٽر (سي ڊي سي ) کيس ايڇ فائيو اين ون وائرس جو متاثر ??يل ملڪ جو پهريون ڪيس قرار ڏنو. صحت کاتي مريض جي فوتگي جي حوالي سان جاري بيان ۾ چيو ته ج??تو??يڪ عام ماڻهو لاءِ خطرو گهٽ آهي پر جيڪي ماڻهو پکين، پولٽري ۽ ڳئون جي سار سنڀال يا ان سان لاڳاپيل ڪم ڪندا آهن انهن لاءِ خطرو ??ڌيڪ آهي. بيان ۾ چيو ويو آ??ي ته پالتو ۽ جنگلي پکين سان رابطي ذريعي مريض ايڇ فائيو اين ون وائرس سبب متاثر ??ي ويو هو پر انسان مان ڪنهن ٻئي انسان ۾ وائرس منتقل ٿيڻ جي ڪا شاهدي ناهي ملي. آمريڪا جي برائون يونيورسٽي ۾ اپيڊيمالوجي جي پروفيسر جينيفر نوزو ٻڌايو ته ڪجهه ڊيٽا موجود آهي جنهن مان ظاهر آ??ي ته اهو وائرس موتمار ٿي سگهي ٿو پر جنهن وائرس جي حوالي سان اسان کي خدشو رهندو آهي ان مان وڌيڪ ايڇ فائيو اين ون وائرس موتمار ٿي سگهي ٿو. جينيفر نوزو جو چوڻ آ??ي ته کيس وڌيڪ پريشاني ان ڳالهه جي رهندي آ??ي ته وائرس جي پکيڙ تي ضابطو نٿو آندو وڃي. 1996ع ۾ پهريون ڀيرو ايڇ فائيو اين ون وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي پر 2020ع کان پکين ۾ گهڻي حد تائين پکڙجڻ شروع ٿيو جڏهن ته کير ڏيندڙ جانور به ان مان متاثر ??يا آهن. صحت جي عالمي اداري 2023 کان 24 ملڪن ۾ برڊ فلو جا 950 ڪيس رڪارد ڪيا آهن. جنهن مان وڌيڪ ماڻهو چين ۽ ويٽنام ۾ متاثر ??يا.
آمريڪا ۾ برڊ فلو سبب پهرين فوتگي رڪارڊ، ڪنهن وڏي خطري جو خدشو ناهي: صحت کاتو
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha