اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ پاڪ ڀارت تازي ڇڪتاڻ جي ??عاملي تي پوري ايوان تي ٻڌل ڪميٽي جي ??اليسي گائيڊ لائينز جي 22 نقطن جي ??نظوري ڏئي ڇڏي آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ پوري ايوان تي ٻڌل ڪميٽي جي رپورٽ ۾ پيش ڪيل پاليسي گائيڊ لائينز ۾ چي?? ويو آهي ته حڪومت پاڪستان کي سنڌ طاس معاهدي تي واضح موقف اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڀارت هڪطرفي طور تي عالمي معاهدي جي ذميدارين کان ڌار ٿئي ٿ?? ته ان سلسلي ۾ ڀارت جي ڪردار کي سامهون آڻڻ گهرجي، پاڪستان جي سرزمين غير رياستي عنصرن کي استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي، سڄي دنيا ۾ هي واضح ۽ کليل پيغام ڏنو وڃي ته پاڪستان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف سڀ کان وڏي جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ ان ۾ غير رياستي عنصر جي ??اءِ ڪنهن قسم جي ڪا به گنج??ئش نه آهي، پاليسي گائيڊ لائينز ۾ چي?? ويو آهي ته ڪشمير بابت عالمي ڪانفرنس جو انتظام ڪيو وڃي، پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي ملڪن جي سياسي قيادت طرفان ڪنٽرول لائين تي امن برقرار رکڻ جي ??اءِ طئي ٿ??ل طريقيڪار جو احترام ڪرڻ جي ضرورت آهي، بيڪ چي??ل ڳالهين جي اهميت ۽ ضرورت کي نظر ۾ رکندي کين بحال ڪرڻ گهرجي ۽ ٻه طرفي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت اعتماد سازي جا قدم بحال ڪرڻ ۽ کين سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي.
سينيٽ پاران پاليسي گائيڊ لائينز جي 22 نقطن جي منظوري
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری