رياض -27 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت چيو آهي، ته عمري جو تعداد مقرر ناهي ۽ زائرين پنهنجي مرضي ۽ سهولت سان جيترا ڀيرا چاهين عمرو ڪري سگ??ن ٿا. سعودي نشرياتي اداري مطابق حج وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته زائرين جي لاءِ عمري جي تعداد مقرر ناهي ڪئي وئي ۽ زائرين پنهنجي مرضي ۽ سهولت مطابق جيترا ڀيرا چاهين عمرو ڪري سگ??ن ٿا. وزارت جو چوڻ هو ته وزٽ، سياحت يا ملازمت ويزا هولڊر ڪنهن به پابندي کانسواءِ عمرو ڪري سگ??ن ٿا. زائرين مملڪت مان و??پسي لاءِ ٽرانسپورٽ وسيلا به تبديل ڪري سگ??ن ٿا. هوائي رستي ايندڙ جيڪڏهن ته بحري يا بري رستي به واپس وڃي سگ??ن ٿا. سعودي عرب اچڻ ۽ وڃڻ جي سلسلي ۾ ڪنهن به انٽرنيشنل يا لوڪل ايئرپورٽ جي پابندي ناهي، ڪنهن به ايئرپورٽ تان اچ وڃ ڪري سگهجي ٿي. واضح رهي ته سعودي عرب آن لائين ٽرانزٽ وزٽ ويزا سروس جي شروعات ڪئي آهي جنهن جو م??صد سعودي عرب اچڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ آهي. ٽرانزٽ ويزا تي عمرو، مسجد نبوي جي زيارت، سياحتي پروگرامن ۾ شرڪت ۽ ملڪ جي شهرن ۾ اچ وڃ جي سهولت هوندي.
زائرين پنهنجي مرضي ۽ سهولت سان جيترا ڀيرا چاهين عمرو ڪري سگهن ٿا: سعودي جي حج واري وزارت
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا