رياض -26 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب سڄي دنيا ?? ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ ??ون??سيف سان گڏيل معاهدي تي صحيحيون ڪري ڇڏيون آهن. سعودي پريس ايجنسي مطابق ڪي ايس رليف جي نگران اعليٰ عبدالله بن عبدالعزيز الربيعه ۽ ??ون??سيف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل نيويارڪ م گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78هين سالياني اجلاس جي موقعي تي ان معاهدي تي صحيحيون ڪيون. معاهدي تحت ڪي ايس رليف ۽ ??ون??سيف وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي مضبوط بڻائڻ، انساني امداد جي فراهمي ۽ رضاڪاراڻه پروگرامن جي حمايت سميت تجربن جي مٽاسٽا لاءِ ملي ڪم ڪندا. ان موقعي تي عبدالله بن عبدالعزيز الربيعه ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سعودي عرب ??ون??سيف جي منصوبن ذريعي ڪمزور ۽ پٺتي پيل طبقن جي ٻارن ۽ انهن جي خاندان تائين رسائي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. ڪيٿرين رسل سعودي عرب جي شراڪتداري تي ??ون??سيف طرفان شڪريو ادا ڪندي چيو ته ان سان اداري کي سڄي دنيا ۾ ضرورتمند لکين ٻارن تائين رسائي ۾ مدد حاصل ٿيندي. هي معاهدو ڪي ايس رليف جي هدف جي فريم ورڪ تحت اچي ٿو جنهن جو مقصد مختلف شعبن ۾ انساني همدردي جي ڪم کي هٿي وٺائڻ لاءِ عالمي ۽ علائقائي انساني تنظيمن سان سهڪار کي وڌائڻ آهي.
سعودي عرب ۽ يونيسيف وچ ۾ گڏيل معاهدي تي صحيحيون
مضمون کا ماخذ : کڑک