اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ٽين ڪميٽي پاڪستان طرفان والاريل علائقن جي ماڻهن جي خو??اراديت واري حق جي حوالي سان پيش ??يل ٺهراءَ جي ا??فاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جنهن ۾ خو??اراديت واري حق جي ا??ولن جي حوالي سان عالمي عزم جي تجديد ڪئي وئي آهي. پاڪستان چيو آهي، ته ان جو ڌيان هڪ اهڙي دنيا ٺاهڻ تي آهي جتي هر ڪو ظلم کان پاڪ، وقار سان رهي سگهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن 65 ملڪن جي سهڪار سان سماجي، انساني ۽ ثقافتي مسئلن سان لاڳاپيل جنرل اسيمبلي جي ٽين ڪميٽي ۾ اهو ٺهراءُ پيش ڪيو جنهن کانسواءِ راءِ شماري کي گڏيل طور منظور ڪيو ويو. پاڪستان ان ٺهراءَ کي 1981 سان اسپانسر ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ دنيا جو ڌيان انهن ماڻهن فلسطين ۽ ڪشمير جي ماڻهن سميت ڌيان ڇڪايو ويندو آهي ته جي جواب به پنهنجي خو??اراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. اميد آهي ته ٺهراءَ جي متن جي توثيق لاءِ ايندڙ مهيني جنرل اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. ٺهراءَ جي شرطن تحت جنرل اسيمبلي ۾ پرڏيهي فوجي مداخلت ۽ قبضي جي ڪارروائين خلاف واضح موقف جو اعلان ڪندي جيڪو ماڻهن ۽ قومن جي خو??اراديت واري حق کي دٻائڻ لاءِ ذميوار رياستن تان انهن قدمن کي روڪڻ جو مطالبو ڪندي. پاڪستاني نمائندي ٺهراءُ پيش ڪندي چيو آهي ته ان جو مقصد هڪ اهڙي دنيا جي جوڙجڪ آهي جتي هر قوم، هر برادري ۽ هر ماڻهو وقار سان رهي، جبر کان آزاد ۽ پنهنجي مستقبل جو تعين ڪرڻ جي صلاحيت سان زندگي گذاري سگهجي. هن چيو ته خو??اراديت، گڏيل قومن جي چارٽر ۾ داخل هڪ بنيادي ا??ول طور ڪيترن ئي عالمي دستاويزن سميت شهري ۽ سياسي حقن جا عالمي معاهده ۽ سماجي ۽ ثقافتي حقن جا معاهده داخل ڪيا ويا آهن جن ۾ شهري ۽ سياسي حقن جا عالمي معاهده ۽ سماجي ۽ ثقافتي حقن جو عهد شامل آهي. هن چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران لکين ماڻهن ان حق جو استعمال ڪيو، پاڻ ڪي نئين آبادي واري قبضي ۽ پرڏيهي قبضي مان آزاد ڪرايو، ڪيتريون خو??مختيار رياستون ٺاهيون جيڪي هاڻي هن اسيمبلي جا ميمبر آهن. هن چيو ته اسان مان اهي ماڻهو جيڪي خو??اراديت واري حق جي ا??تعمال ذريعي آزاد ٿيا آهن، انهن ماڻهن جي حالت زار کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي جن کي خو??اراديت وارو حق ۽ آزادي ڏيڻ کان بيدردي سان انڪار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پرڏيهي قبضي سبب ڪجهه حالتن ۾ اسان فوجي ڏاڍ، آبادياتي شرح ۾ تبديلي ۽ بنيادي آزادين کي دٻائڻ ذريعي خو??اراديت کان منظم انڪار جو مشاهدو ڪيون ٿا، هي قدم عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهن ۽ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهن. هن چيو ته هي ٺهراءُ خو??اراديت واري حق جي عالمگيريت ۽ ناقابل تقسيم هئڻ جي تصديق ڪري ٿو، هن ظلم خلاف جدوجهد ڪندڙ ماڻهن جي برداشت کي تسليم ڪندي انهن ماڻهن لاءِ يڪجهتي ۽ حمايت جو اطهار ڪيو جيڪي قبضي ۽ محڪوميت کي برداشت ڪري رهيا آهن. ٺهراءَ جي مسودي جي شرطن تحت جنرل اسيمبلي نئين آبادياتي ۽ پرڏيهي قبضي کي منهن ڏيندڙ ماڻهن جي حقن سميت خو??اراديت واري حق کي بنيادي انساني حقن جي ا??رائتي ضمانت ۽ عمل درآمد لاءِ بنيادي شرط هئڻ جي توثيق ڪئي ويندي. ٺهراءَ ۾ جنرل اسيمبلي جي پرڏيهي فوجي مداخلت، جارحيت ۽ قبضي جي ڪارروائين جي شديد مخالفت جو به اعلان ڪيو ويو، ڇو ته ان جي نتيجي ۾ ۾ دنيا جي ڪجهه حصن ۾ ماڻهن جي خو??راديت واري حق ۽ ٻين انساني حقن کي دٻايو ويو آهي. ٺهراءَ ۾ ان جي ذميدار رياستن کان مطالبو ڪيو ويو آهي، ته هو پرڏيهي ملڪن ۽ علائقن ۾ پنهنجي فوجي مداخلت ۽ قبضي سان گڏوگڏ جبر، امتيازي سلوڪ، استحصال ۽ بدسلو??ي جي سمورن ڪارروائين فوري طور بند ڪيون وڃن. جنرل اسيمبلي انهن لکين پناهگيرن ۽ بي گهر ماڻهن جي حالت تي به افسوس جوا ظهار ڪندي جيڪي انهن ڪارروائين جي نتيجي ۾ بي گهر ٿيا آهن ۽ انهن جي حفاطت ۽ عزت سان رضاڪاراڻي طور پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃڻ جي حق جي توثيق ڪندي. ٺهراءَ ۾ انساني حقن جي ڪائونسل تي زور ڀريو ويو آهي، ته هو پرڏيهي فوجي مداخلت، جارحيت يا قبضي جي نتيجي ۾ انساني حقن خاص ڪري خو??اراديت واري حق جي پائمالي تي خاص ڌيان ڏئي. ٺهراءَ ۾ سيڪريٽري جنر ل کان خو??اراديت واري حق جي معاملي ??ي جنرل اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ رپورٽ ڪرڻ جي به درخواست ڪئي وئي آهي.
پاڪستان طرفان خوداراديت واري حق جي توثيق جو ٺهراءَ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ڪميٽي گڏيل طور منظور ڪري ورتو
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج