اسلام آباد – 20 ??يپ??مبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته علم ڪنهن جي ميراث نه آهي اسان کي دنيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تعليم جي شعبي ۾ پاڻڀرائپ پيدا ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجي تعليمي معيار کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو. پاڪستاني س??ئن??دان عالمي س??ئن??ي ادارن سان گڏجي ع??م جي شعبي ۾ اهڙي منصوبابندي ڪن جيڪا اسان جي ايندڙ نسل جي لاءِ فائديمند هجي ۽ شاگرد ان مان لاڀ پرائي انسانيت جي ڀلائي جي لاءِ بهترين خدمتون سرانجام ڏئي سگهن. صدر اها ڳالهه ??سپ??رڪو ۽ اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيندڙ ٻي عالمي خلائي ڪانفرنس (آءِ سي ايس – 2016ع) جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل مظهر جميل، ??سپ??رڪو جي چيئرمين قيصر انيس خرم ۽ ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪن مان ايندڙ س??ئن??دانن ۽ عورتن ۽ مردن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي.
دنيا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تعليم جي شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻو پوندو: صدر
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث