اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزي?? چيو آهي ته عمران صاحب اڄ ٻيهر اهو ئي پراڻو رڪارڊ هلايو، هو پنه??جي تقريرن س??ن پنهنجو پاڻ کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي، ٻڌايو گذريل ساڍا چار سالن ۾ توهان ڪيترا بجلي جا پراجيڪٽس هنيا، ٻڌايو 350 ننڍا ڊيم ڪٿي آهن؟ عمران صاحب قوم کي ٻڌايو انصاف بس ڪٿي آهي؟ ٻڌايو احتساب ڪميشن جو تالو ڪڏهن کوليندا، عمران صاحب توهان گذريل ساڍا چار سالن ۾ روئڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ گاريون ڏيڻ کانسواءِ ڇا ڪيو آهي، عمران خان صاحب هاڻي ته انشاءَ الله اورنج ٽرين به مڪمل ٿي ويندي، توهان جو ڇا ٿيندو، عمران صاحب ايندڙ تقرير ۾ خيبرپختونخواهه ۾ پنه??جي حڪومت جي ڪارڪردگي تي رڳو ٽي لائينون ڳالهائي ڏيکاريو. پنه??جي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران صاحب گذريل ساڍا چار سالن ۾ توهان جيترا ڪوڙ ڳالهايا آهن ايترو ڪم ڪريو ها ته ڪي پي ڪي جا ماڻهو توهان جي خلاف بني گالا ٻاهران احتجاجي مظاهرا نه ڪن ها.
عمران صاحب اڄ ٻيهر اهو ئي پراڻو رڪارڊ هلايو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ