اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عاشوري جو ڏهاڙو ا??ان کي ڪربلا جي شهيدن جي عظيم قرباني جي ياد ڏي??ري??دو آهي ۽ اسان کي ان ڳالهه جو سبق ڏي ٿو ته باطل جي طاقت حق کي ڪڏهن دٻائي نٿي سگهي، ڪربلا جو واقعو ا??ان کي ڏاڍ جي خلاف وڙهڻ ۽ آواز بلند ڪرڻ ۽ حق ۽ صداقت جي سربلندي جو سبق ڏي ٿو. عاشوري جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين جي شهادت سان اسلام کي هڪ نئين زندگ?? ملي، امام حسين رضه حق ۽ صداقت ۽ اسلام جي سربلندي لاءِ پن??نج?? ٻار تائين قربان ڪري ڇڏيا ۽ اسان کي سبق ڏنو ته الله جي اطاعت سڀ کان مقدس آهي.
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن