اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪس سڌارن جو مقصد ٽيڪس جي نظام کي آسان بڻائ?? آهي، سڌارن سان ٽيڪس جي نظام ۾ موجود خامين کي ختم ڪيو ويندو، ٽيڪس نظام اهڙي طرح ترتيب ڏنو وڃي ته ڪاروبار آسان ۽ معيشت ترقي ڪري. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ٽيڪس سڌارن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي و??ير مخدوم خسرو بختيار، ناڻي و??رو وفاقي و??ير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، منصوبابندي ۽ ترقي و??رو وفاقي و??ير اسد عمر، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي و??ير حماد اظهر، وزيراعظم جو واپار وارو خصوصي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو خصوصي مددگار ڊاڪٽر عشرت حسين، ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، نديم بابر، سي??پڪاري بورڊ وارو چيئرمين ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا. اجلاس کي خطاب ڪندي و??يراعظم چيو ته ٽيڪس سڌارن جو مقصد ٽيڪس جي نظام کي آسان بڻائڻ ۽ نظام ۾ موجود خامين کي ختم ڪر?? آهي.
ٽيڪس سڌارن جو مقصد ٽيڪس جي نظام کي آسان بڻائڻ ۽ موجود خامين کي ختم ڪرڻ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل