اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر پارٽيون پنهنجي مفادن جي خاطر تحريڪ هلائي رهيُون هُيون، مخالف ڌر پنهنجي ڄار ۾ پاڻ ئي ڦاٿي آهي، اسان ??نهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان ??ينداسين، قانونسازي، سڌارن تي اسان جو ڌيان ??وندو، مهانگائي تي جلد ضابطو آڻيندسين، ڪو به قانون کان ??ٿانهون نه آهي، قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي، ڪنهن سان انتقامي ڪارروائي نه ٿي رهي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجا فيصلا اصولن جي بنياد تي ڪندي آهي، اسان ??نهنجي سياسي فائدي يا نقصان جي بنياد تي فيصلا ناهيون ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??جي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مخالف ڌر جي تحريڪ ۾ نه ته ڪا جان آهي ۽ نه ئي ان جو ڪوئي مقصد آهي، اهي صرف پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ گڏ بيٺل آهن. هاڻي مخالف ڌر جو اتحاد بي نقاب ٿي چڪو آهي. هن چيو ته مخالف ڌر ملڪ ۾ هڪ قسم جو انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن جي ڪري اسان ??نهنجي ڪوششن ۽ ڪاميابين کي عوام جي سامهون نه آڻي سگهياسين. اها اسان جي لاءِ هڪ وڏي تبديلي آهي، جنهن ۾ اسان شور شرابي ۽ منفي سياست کان جان ??ڏائي عوام جا مسئلا ح?? ڪرڻ، مهانگائي ۾ گهٽتائي آڻڻ، قانون سازي ۽ عوام جي خدمت تي پنهنجو ڌيان ??ينداسين.
مخالف ڌر پارٽيون پنهنجي مفادن جي خاطر تحريڪ هلائي رهيُون هُيون: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا