لاهور – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ آب پاڪ اٿارٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير، پنجاب جي گورنر، اطلاعات ۽ نشريا?? واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ اطلاعات ۽ نشريا?? واري مملڪتي وزير فرخ حبيب صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومتن کي آب پاڪ اٿارٽي جي طرز تي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته پنجاب جي 12 ڪروڙ آبادي کي پيئڻ جو صاف پاڻي ڏنو ويندو، پنجاب جي 36 ضلعن ۾ 4 ارب رپين جي لاڳت سان 1500 پيئڻ جي صاف پاڻي جا پلانٽ لڳايا پيا وڃن، اهي 1500 واٽر فل??ريشن پلانٽس ڊسمبر 2021ع ۾ مڪمل ٿيندا. هن ٻڌايو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ ه?? واٽر فل??ريشن پلانٽ تي 30 لک رپيا لاڳت ايندي. شهباز شريف جي دور ۾ ”صاف پاڻي ڪمپني“ واعدن، نعر?? ۽ ??عوائن کانسواءِ ڪجهه نه هئي. شهباز شريف جي دور ۾ ساڍا 7 ارب رپين جي لاڳت سان رڳو 116 واٽر فل??ريشن پلانٽ لڳايا ويا. مملڪتي وزير فرخ حبيب ٻڌايو ته شهباز شريف جي دور ۾ ه?? واٽر فل??ريشن پلانٽ تي 6 ڪروڙ 40 لک رپيا لاڳت آئي. آب پاڪ اٿارٽي تحت ه?? واٽر فل??ريشن پلانٽ تي رڳو 30 لک رپيا لاڳت ايندي. هن ٻڌايو ته آب پاڪ اٿارٽي جي ايندڙ فيز ۾ سائوٿ پنجاب ۽ فيصل آباد ڊويزن جي هڪ هزار ڳوٺن ۾ جتي کارو پاڻي آهي اتي پيئڻ جي صاف پاڻي جا آب پاڪ مرڪز قائم ڪيا ويندا. پنجاب ۾ نوان فل??ريشن پلانٽس آب پاڪ اٿارٽي جي نگراني هيٺ لڳايا پيا وڃن. کاري پاڻي وارن علائقن ۾ هڪ هزار پيئڻ جي صاف پاڻي جا پلانٽ لڳايا پيا وڃن. هن ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان پيئڻ جي صاف پاڻي کي شهرين جي درن تي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي سان پاڻي سان پکڙجندڙ بيمارين کان اڳواٽ بچاءُ ممڪن ٿيندو. هن ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان سڀاڻي مينگروز جي علائقن جو پڻ دورو ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ماحوليات جي تحفظ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ نگاهه جو مرڪز آهي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ آب پاڪ اٿارٽي بابت اجلاس
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil