اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان آرمي چ??ف جنرل قمر جاويد باجوه ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي سلامتي ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چ??ف صدر کي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي تيارين ۽ دهشتگرد عنصرن جي خلاف قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن چي?? ته هٿياربند فوج ملڪ مان عسڪريت پسندن ۽ شرپسندن جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي صدر سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو جن بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن ۾ عسڪريت پسندن جي خلاف تازين ڪاررواين ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪيون. هن چي?? ته قوم کي پنهنجي هٿياربند فوج جي قربانين تي فخر آهي جن سد??ئي?? هر قسم جي مشڪلاتن جي خلاف قومي سرحدن جو دفاع ڪيو.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia