نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر جو بائيڊن پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ مشڪل انساني صورتحال ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکڻ جي عزم جو اظ??ار ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد ش??با?? شريف ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ عالمي برادري جي نالي پيغام ۽ پاڪستان جي حمايت تي آمريڪي صدر ??ا ٿورا مڃيا. وزيراعظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ش??با?? شريف جي آمريڪي صدر جو بائيڊن سان ملاقات ٿي، اها ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۾ سوين فوتگين تي افسوس ۽ متاثر خاندانن سان همدردي جو اظ??ار ڪيو. وزيراعظم ش??با?? شريف آمريڪي صدر پاران افسوس ۽ همدردي جي اظ??ار تي ان ??ا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ عالمي برادري جي نالي پيغام ۽ پاڪستان جي حمايت تي آمريڪي صدر جا خاص طور تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم آمريڪا جي عالمي ترقي واري اداري (يو ايس ايڊ) جي سربراهه جي پاڪستان جي دوري ۽ امداد موڪلڻ تي پڻ آمريڪي حڪومت ۽ عوام ??ا ٿورا مڃيا.
آمريڪي صدر پاران پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ مشڪل انساني صورتحال ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکڻ جي عزم جو اظهار
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز