اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ميڊيا جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، اڳوڻو دور ميڊيا جي لاءِ ڪارو ترين دور هو، گذريل دور ۾ ميڊي اتي پابنديون هنيون ويون، صحافين جا قلم ٽوڙيا ويا، انهن جا هلندي پروگرام بند ڪيا ويا، مري جي س??اسي ۽ صحافتي اهميت ۽ صحافين جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت مري جي صحافين کي س??ولتن جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اها ڳالهه هن ملاقات لاءِ آيل مري پري?? ڪلب جي صدر سڌير احمد عباسي جي قيادت ۾ مري پري?? ڪلب جي وفد سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ مري جي س??احتي اهميت، مري پري?? ڪلب ۽ صحافين کي درپيش مسئلن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته مري ملڪ جو ناليوارو سياحتي هل اسٽيشن آهي جتي سڄي ملڪ مان پورو سال لکين سياح سير جي لاءِ اچن ٿا، مقامي صحافي پنهنجي قلم ۽ ڪئميرا جي ذريعي پاڪستان خاص طور تي سڄي دنيا ۾ مري جي س??احتي اهميت کي اجاگر ڪن ٿا. هن چيو ته مري پري?? ڪلب جي ايڪريڊيٽيشن تي فوري ڪم شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته مري جي س??اسي ۽ صحافتي اهميت ۽ صحافين جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت مري جي صحافين کي س??ولتن جي فراهمي لاءِ خصوصي قدم کڻندي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مري پري?? ڪلب جي وفد چيو ته مري ۾ ٽي هزار جي لڳ ڀڳ واپاري آهن جن کي سدائين مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ئي ڪاروباري موقعا ۽ سازگار ماحول فراهمڪيو آهي، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جڏهن به اقتدار ۾ آئي، هن مريءَ ۾سياحت جي فروغ لاءِ عملي قدم کنيا. مري پري?? ڪلب جي وفد اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جا مري پري?? ڪلب جا مسئلا ٻڌڻ ۽ انهن جي حل جي خاطري ??ي ٿورا مڃيا.
حڪومت ميڊيا جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia