اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي طور تي خوشحال بڻائڻ جي لاءِ رڳو قدرتي ۽ انساني وسيلا ڪافي نه آهن، دانشمندي، پاليسين ۾ مستقل مزاجي، پريشانين کان پاسو ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي سان فعال تعاون ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار اسلام آباد ۾ گلگت بل??ست??ن حڪومت جي اهتمام هي?? ”??ي بي ڊريم روڊ شو“ جي عنوان سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ گلگت بل??ست??ن جي گورنر سيد مهدي ??اه??، گلگت بل??ست??ن جي وڏي وزير خالد خورشيد خان، جي بي حڪومت جي وزيرن ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته گلگت بل??ست??ن کيس تمام عزيز آهي ۽ هن سدائين هن خطي جي سياحتي جاين کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ بطور سفير هن خطي جي نمائندگي ڪئي، سياحن کي علائقي ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن. صدر چيو ته گلگت بل??ست??ن قدرتي وسيلن جهڙن معدنيات، قيمتي جواهرات ۽ ميون سان مالامال آهي، اسان کي جواهرات جي ڪٽائي ۽ فنشنگ جي لاءِ سائنسي طريقا استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اهڙي طرح جي ڪم لاءِ گهربل هنر تمام گهٽ وقت ۾ سکي سگهجي ٿو، خطي جي نوجوانن جي لاءِ آءِ ٽي جي مهارت جي اهميت کي اجاگر ڪندي صدر چيو ته آءِ جي مهارت رکندڙ ماڻهو آن لائين پليٽ فارمز جي ذريعي پا??ست??ن ۾ رهندي ٻين ملڪن ۾ پنهنجون خدمتون پيش ڪري پنهنجي لاءِ روزگار پيدا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته آءِ ٽي سيڪٽر عورتن کي روزگار جا موقعا پڻ فراهم ڪرڻ جي لاءِ اهم آهي جنهن سان اهي پنهنجي گهرن مان ڪم ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته مختلف تعليمي پس منظر سان تعلق رکندڙ 2.4 ملين ماڻهن وزيراعظم جي ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام، ڊيجي اسڪلز مان فائدو کنيو آهي، ملڪ جي نوجوانن ۽ عورتن کي اهم ۽ قابل مارڪيٽ ڊيجيٽل مهارت فراهم ڪرڻ جي لاءِ اهڙن پروگرامن کي اختيار ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته گلگت بل??ست??ن جو هڪ شاگرد جنهن ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام سان پنهنجي تربيت حاصل ڪئي اهو اٽڪل هڪ لک ڊالر ڪمائي رهيو آهي. صدر چيو ته جي بي جي لاءِ زراعت جي ميدان ۾ به عمودي آبادگاري ۽ ڊرپ فارمنگ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، جي بي نه رڳو پنهنجي خوراڪ جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي ٿو پر ان ۾ هالينڊ وانگر دنيا کي برآمد ڪرڻ جي صلاحيت آهي جيڪو پا??ست??ن کان 19 ڀيرا ننڍو ملڪ آهي پر دنيا ۾ خوراڪ پيدا ڪندڙ ٻيو وڏو ملڪ سڏرائي ٿو. هن چيو ته آئيڊياز جي بهتات آهي پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهن تي عملدرآمد ڪيو وڃي. هن چيو ته حقيقي ترقي ڪميونٽي جي حصيداري کانسواءِ ممڪن نه آهي ۽ جي بي جي ماڻهن کي علائقي ۾ ترقي جي فروغ لاءِ پوري طرح ۽ فعال طور تي مصروف عمل ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي گلگت بل??ست??ن جي وڏي وزير خالد خورشيد ??اه?? چيو ته ماضي ۾ جي بي کي وسيلن جي ورڇ جي حوالي سان نظرانداز ڪيو ويو ۽ جيڪي فنڊز ڏنا ويندا هئا اهي اڪثر پگهارن بابت خرچن ۾ خرچ ٿيندا هئا. هن چيو ته سندس حڪومت گذريل ٻن سالن کان ترقي جي لاءِ وڌيڪ فنڊز مختص ڪري رهي آهي ۽ ان جو ڌيان ترقي طرف آهي، اسان جي ترجيحن ۾ ??اص طور تي مختلف رستن جي ذريعي جي بي جي باقي ملڪ سان رستي جي رابطي کي بهتر بڻائڻ، تعليم جي شعبي جي اصلاح، خوراڪ جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ زراعت جي شعبي کي فروغ ڏيڻ، صحت جي شعبي کي بهتر بڻائڻ ۽ مقامي حڪومتن جي نظام ۾ سڌارا شامل آهن. تقريب ۾ شعيب سلطان آغا خان جي بي بابت رورل سپورٽ پروگرام سان پنهنجي ڊگهي سفر جو احوال ٻڌايو ۽ چيو ته هن رورل سپورٽ پروگرام جي لاءِ 40 سالن تائين ڪم ڪيو ۽ اها ماڻهن ۽ ڪميونٽي جي حمايت ئي هئي جنهن ان کي ڪام??اب بڻايو. ان کان اڳ صدر شو جي مختلف اسٽالز جو پڻ دورو ڪيو.
ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي طور تي خوشحال بڻائڻ جي لاءِ رڳو قدرتي ۽ انساني وسيلا ڪافي نه آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر