اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف اسلام آباد جو نال?? تجويز ڪندڙ قاضي عبدالرحمان امرتسري جي خدمتن جو قومي سطح تي اعتراف ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ پاڪستان حڪومت جو ان سان ڪيل واعدو پورو ڪندي سي ڊي اي جي تجويز تي ان جي وارثن کي پارڪ انڪليو اسلام آباد ۾ پلاٽ جو الاٽمينٽ ليٽر پيش ڪري ڇڏيو. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م شهباز شريف چيو ته قاضي عبدالرحمان امرتسري جي پاڪستان جي لاءِ خدمتون وسارڻ جو??يون نه آهن، اهڙيون قومون ڪڏهن ترقي ناهن ڪنديون جيڪي پنهنجي محسنن کي وساري ڇڏين. هن چيو ته اسلام آباد کي اسلام آباد جي سڃاڻپ ڏيندڙ اسڪول ٽيچر قاضي عبدالرحمان امرتسري کي قوم خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. وزي??اع??م سي ڊي اي عملدارن کي ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ باقي رهيل ڪارروائي مڪمل ڪري وارثن کي پلاٽ جو قبضو فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزي??اع??م ميڊيا خاص طور تي ??ام?? مير کي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪرڻ تي ساراهيو. وزي??اع??م سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو.
وزيراعظم پاران اسلام آباد جو نالو تجويز ڪندڙ قاضي عبدالرحمان امرتسري جي خدمتن جي اعتراف ۾ سندس وارثن کي پلاٽ الاٽ
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2