اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري ورتو، قومي اسيمبلي جي 180 ميمبرن وزيراعظم تي اعتماد جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي ??دارت ۾ شروع ٿيو. اجلاس جي ??روع ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پوري ملڪ ۾ پ??رل??امينٽ بابت سوال اٿي رهيا آهن، اسان پوري دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پ??رل??امينٽ آئين، جمه??ري?? ۽ اعليٰ عدليه جي چار ٽي جي ??ڪثريتي بئنچ سان گڏ بيٺل آهي. بلاول ڀٽو زرداري قرارداد پيش ڪئي ته پاڪستان جي قومي اسيمبلي وزيراعظم محمد شهباز شريف تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪري ٿي. اسپيڪر راجا پرويز اشرف قرارداد کي راءِ شماري جي لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ته قومي اسيمبلي جي 180 ميمبرن پنهنجي ??يٽن تي بيهي وزيراعظم محمد شهباز شريف تي پنهنجي ??عتماد جو اظهار ڪيو. اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف تي 180 ميمبرن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي اهڙي طرح اها قرارداد قومي اسيمبلي پاران منظور ٿي چڪي آهي. اسپيڪر جو چوڻ هو ته مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور زندهه هجي ها ته اڄ ميمبرن جو انگ 181 هجي ها. واضح رهي ته وزيراعظ?? جي عهدي تي برقرار رهڻ جي لاءِ 172 ميمبرن جو اعتماد لازمي آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري ورتو
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن