اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وطن جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قربانين تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم پنهنجي شهيدن جو قدر ڪري ٿي ۽ اها ان??ن جي قربانين کي ??دا??ين ياد رکندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 20 مئي تي ٽانڪ ڏکڻ و??ير??تان ۾ شهيد ٿيندڙ نائيڪ محمد عتيق ۽ رجب علي جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر زرغون بلوچستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي ظهير احمد جي خاندان سان پڻ رابطو ڪيو ۽ شهيدن جي وطن لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قربانين تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر چيو ته پوري قوم پنهنجي شهيدن جو قدر ڪري ٿي ۽ ان??ن جي قربانين کي ??دا??ين ياد رکندي. صدر شهيدن جي حب الوطني جي جذبي ۽ فرض سان محبت کي پڻ ساراهيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي پڻ دعا ڪئي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران وطن جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قربانين تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام