اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ستين آدمشماري ج?? متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، آدمشماري موجب پاڪستان جي مجموعي آبادي 24 ڪروڙ 14 لک 92 هزار آهي، ملڪي آبادي ج?? سالياني اوسر واري شرح 2.55 سيڪڙو رهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي 50 هين اجلاس ۾ نتيجن جي متفقه منظوري ڏني وئي. چئني ئي ??ڏن وزيرن، سمورين سياسي پارٽين جي نمائندن آدمشماري ج?? نتيجن سان مڪمل اتفاق ڪيو، بلوچستان عوامي پارٽي ج?? ڊاڪٽر خالد مگسي، ايم ڪيو ايم جي سيد امين الحق، جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي مولانا اسعد محمود، پاڪستان پيپلزپارٽي ج?? قمر زمان ڪائره به سي سي آءِ جي ٻين ميمبرن کانسواءِ خصوصي دعوت تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل وفاق جي مضبوطي لاءِ هڪ اهم آئيني ادارو آهي، پاڪستان ۾ پهرين ڊجيٽل آ??مشماري بهترين طور تي مڪمل ٿي آهي ج??ڪا خوشي ج?? ڳالهه آهي. وزيراعظم چيو ته صوبائي حڪومتن ۽ پاڪستان جي شماريات کاتي ان قومي فرض ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو، رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال وزارت جي ٻين آفيسرن خاص ڪري شماريات کاتي ۽ گهر گهر وڃي ڳڻپ ڪندڙ اهلڪار ڊجيٽل آ??مشماري ج?? ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ کيرون لهڻن، اجلاس کي رٿابندي واري وزارت ۽ پاڪستان جي شماريات کاتي طرفان آدمشماري ج?? نتيجن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. شماريات کاتي طرفان ٻڌايو ويو ته ستين آدمشماري مطابق پاڪستان جي مجموعي آبادي 241.49 ملين آهي، ملڪي آبادي ج?? سالياني اوسر واري شرح 2.55 سيڪڙو رهي. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بلوچستان جي آدمشماري ج?? شرح باقي صوبن کان وڌيڪ 3.2 سيڪڙو رهي، گذريل 6 سالن ۾ آباد ۾ 3.5 ڪروڙ جو اضافو ٿيو جيڪو فڪر جو لمحو آهي. پاڪستان جي آبادي ج?? واڌ جي تناسب سان پاڪستان جي معاشي ترقي کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. وزيراعظم چيو ته آبادي ۾ واڌ ڪيترن ئي ??سمن جون مشڪلاتون پيدا ڪري ٿو، هي پاڪستان ۾ آئنده ايندڙ چونڊيل حڪومت ۽ مستقبل لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، اسان کي نه رڳو آبادي ۾ واڌ کي روڪڻو پوندو پر پاڪستان جي معاشي ترقي ج?? رفتار کي وڌائي انهن چئلينجن تي ضابطو آڻڻو پوندو. اجلاس کي رٿابندي واري وزارت ۽ پاڪستان شماريات کاتي طرفان ستين ڊجيٽل آ??مشماري ج?? طريقيڪار ۽ نتيجن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2022ع ۾ آدمشماري لاءِ سنسس ايڊوائيزري ڪميٽي ج??ڪا ناليوارن شماريات جي ماهرن تي ٻڌل آهي ۽ ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ان جو صدر آهي، سنسس مانيٽرنگ ڪميٽي ج?? قيام ۽ سنسس ايڊوائيزري ڪميٽي ج?? سفارشن جي منظوري ڏني، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنسس مانيٽرنگ ڪميٽي ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرزن سميت صوبائي ??مائندن جي شرڪت کي يقيني بڻايو ويو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڊجيٽل آ??مشماري لاءِ نادرا نه رڳو سافٽ ويئر پر هڪ لک 26 هزار ٽيبليٽس، نيشنل ٽيلي ڪام ڪارپوريشن (اين ٽي سي) ڊيٽا انفرا اسٽرڪچر، اسٽوريج اينڊ ڪمپيوٽنگ جي سهولت، جڏهن ته سپارڪو بلاڪس جي تازي ترين سيٽل??ئي?? جون ڊجيٽل تصويرون مهيا ڪيون. ان کانسواءِ صوبائي حڪومتن هڪ لک 21 هزار اهلڪار، پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن انگ اکر گڏ ڪندڙ اهلڪارن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي. بريفنگ ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته سنسس ايڊوائيزري ڪميٽي ج?? سفارش تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ستين ڊجيٽل آ??مشماري ج?? عمل ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي پهرين ڏينهن کان شامل ڪيو ويو، ان ڪري ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي عمل جي شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ آدمشماري دورا?? صوبائي انتظاميه، سول سوس??ئي??ي ۽ تعليمي ماهرن کي به ان جو حصو بڻايو ويو. آدمشماري ج?? سرگرمين ۾ صوبائي چيف سيڪريٽرين ضلعي انتظاميه کي ڊيش بورڊز ذريعي پل پل نگراني ج?? سهولت فراهم ڪئي ??ئي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڊجيٽل آ??مشماري 2023ع پهرين مارچ 2023ع کان 22 مئي 2023ع ت??ئي?? جاري رهي، جڏهن ته ڊيٽا گڏ ڪرڻ کانپوءِ سروي 8 کان 9 جولاءِ 2023ع ت??ئي?? جاري رهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2023ع ۾ مجموعي طور پاڪستان جي آبادي 241.49 ملين ماڻهن تي ٻڌل رڪارڊ ڪئي ??ئي، اهڙي طرح خيبرپختونخوا جي آبادي 40.85 ملين، پنجاب جي آبادي 127.68 ملين، سنڌ جي آبادي 55.69 ملين، بلوچستان جي آبادي 14.89 ملين ۽ اسلام آباد جي آبادي 2.36 ملين رڪارڊ ڪئي ??ئي. ان لحاظ کان پاڪستان جي آبادي ۾ واڌ جي موجوده سالياني شرح 2.55 سيڪڙو آهي جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ 2.38 سيڪڙو، پنجاب ۾ 2.53 سيڪڙو، سنڌ ۾ 2.57 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ 3.20 سيڪڙو رهي، اجلاس ۾ متفقه طور ستين ڊجيٽل آ??مشماري جا نتيجا منظور ڪيا ويا. اجلاس ۾ سمورين سياسي پارٽين جي اتفاق کانپوءِ آدمشماري ج?? نتيجن جي منظوري ڏني وئي، وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته آبادي ۾ واڌ جي موجوده رفتار انتهائي ??ريشان ڪندڙ آهي. اسان جا سمورا قومي ادارا ۽ صوبائي حڪومتون آباد ۾ واڌ کي روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻن، ملڪ جا محدود وسيلا وڌندڙ آبادي لاءِ ناڪافي آهن. جيڪڏهن آبادي ج?? شرح موجوده رفتار سان جاري رهي ته اسان جي سمورين ڪوششن باوجود پاڪستان ۾ غربت ۽ بيروزگاري ۾ واڌ ٿيندي. ان لاءِ پنهنجي محفوظ مستقبل لاءِ اسان کي آبادي ۾ واڌ تي ضابطو آڻڻ ۽ موجوده آبادي ج?? ترقي ۽ خوشحالي لاءِ قدم کڻڻا پوندا.
گڏيل مفادن واري ڪائونسل ستين آدمشماري جي متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي، پاڪستان جي موجوده مجموعي آبادي 24 ڪروڙ 14 لک 92 هزار آهي، ملڪي آبادي جي سالياني اوسر واري شرح 2.55 سيڪڙو رهي: اجلاس کي بريفنگ
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania