اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ملڪ جي مستقبل جي لاءِ سياسي پارٽيون معاشي سڌارن جي بهتري جو ٺوس پروگرام پيش ڪن، رڳو دل لڀائيندڙ واعدا ڪافي نه آهن، پر عملي قدمن جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن پريس انفارميش?? ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ ”اليڪشن 2024ع: سياسي پارٽين جي اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا“ جي موضوع تي مقامي هوٽل ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسان چونڊن کان ڪجهه ڏينهن پري آهيون، چونڊون انشاءَ الله 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، ان ۾ ڪنه?? کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن پنهنجي موقف تي قائم آهي، اليڪشن ڪميشن واحد ادارو آهي جنهن چونڊن جو شيڊيول ڏنو آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي ڪنهن ٻئي اداري جي اختيار ۾ نه آهي. هن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن جون مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي ضرورتون پوريو?? ڪنداسين. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته سياست معيشت ۽ معاشي مفادن جو ڳانڍاپو آهي، پاڪستان جي معاشي صورتحال ۾ بهتري جي ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪ جي جي ڊي پي جو هڪ چوٿون حصو زراعت مان اچي ٿو پر ان شعبي کان ٽيڪس جي وصولي تمام گهٽ آهي. هن چيو ته ملڪ جي آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي جنهن سان صحت ۽ تعليم جهڙن شعبن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پاڪستان جي سياسي ڪلچر ۾ به تبديلي جي ضرورت آهي. سياسي پارٽي?? کي پنهنجي تڪ?? کي رڳو ووٽ جي لاءِ استعمال ڪرڻ بدران قانونسازي ۽ ملڪ جي مسئلن جي حل تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته 2024ع جون چونڊون اهم چونڊون هونديون، اسا?? کي سياسي پارٽين جي منشور جي حقيقي پسنداڻي هجڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسا?? کي آبادي جا مسئلا پڻ درپيش آهن جنهن جي ڪ??ي اسا?? کي تعليم ۽ صحت جي شعبي تي دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته سياست ضرور ڪريو پر ملڪ جي مستقبل تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، ملڪ جي معاشي رخ تي سڀني جو اتفاق هجڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، غير چونڊيل ماڻه?? کي اهو اختيار نه آهي ته اهي ملڪ جي مستقبل جو فيصلو ڪن. هن چيو ته مستقبل جي حڪومت ۽ قومي سياسي پارٽيون حقيقت پسنداڻي معاشي سڌارن جي ايجنڊا سامهون آڻين، حقيقت پسنداڻا پروگرام ڏين ۽ دل لڀائيندڙ واعدن بدران اهڙان واعدا ڪن جن تي انه?? کي يقين هجي ته اهي اهو ڪم ڪري سگهندا. سيمينار ۾ معاشي ماهرن ۽ صحافين پڻ شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ پريس انفارميش?? ڊپارٽمينٽ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر طارق محمود خان پڻ ان موقعي تي موجود هئا.
ملڪ جي مستقبل جي لاءِ سياسي پارٽيون معاشي سڌارن جي بهتري جو ٺوس پروگرام پيش ڪن، رڳو دل لڀائيندڙ واعدا ڪافي نه آهن، پر عملي قدمن جي ضرورت آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری