اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت عام چونڊون آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون منعقد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، 8 فيبروي تي چونڊون منعقد ٿيڻ سا?? گڏ ئي ان جي التوا جي حوالي سا?? سمورا افواهه دم ٽوڙي ويندا. نئين شروع ٿيندڙ ٽيليويزن چينل (ايڪ نيوز) کي انٽروي?? ڏيندي هن چيو ته اميدوارن پاران چونڊ مهم جاري آهي، چونڊن جي التوا جو ڪو ٺوس جواز به نه آهي، ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ 8 فيبروري آهي ۽ ان ڏينهن چونڊن جي التوا جي حوالي سا?? سمورا افواهه دم ٽوڙي ويندا. چونڊن کان اڳ يا پوءِ ڌانڌلي جي شڪايتن جي حوالي سا?? سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ماضي مان سبق سکندي پارليامينٽ کي قانوني، ??نتظامي ۽ اليڪشن ڪميشن بابت سمورين ڪوتاهين کي ختم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته مقامي ۽ عالمي ميڊيا سا?? گڏوگڏ مبصر به چونڊن جي مانيٽرنگ ۽ ڪوريج ڪندا، ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته جيتري حد تائين ممڪن ٿيو خطي جي معيارن موجب چونڊون آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون ٿينديون. هن چيو ته سياسي پارٽيون جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ذريعي ڌانڌلي ۾ ملوث رهيون آهن ۽ فوت ٿيندڙن جا وو?? به وڌا ويندا رهيا آهن. هن چيو ته وو??نگ جو وقت 8 فيبروري تي صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين هوندو ۽ هر هڪ کي سٺو ٽرن آئوٽ يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو آئيني حق استعمال ڪرڻ گهرجي. قومي معيشت جي بهتري تي اهم ڌيان تي زور ڏيندي هن چيو ته بدقسمتي سا?? اڃا تائين ڪا سياسي پارٽي ملڪ جي معاشي صورتحال ۾ بهتري جي ڪا ايجنڊا سا??هون ناهي کڻي آئي. هن چيو ته پارٽين جا سمورا چونڊ منشور جن ۾ نوڪريون، پناهگاهون، سستي بجلي، فوڊ سيڪيورٽي ۽ ٻيا شامل آهن انهن جو سڌوسنئون تعلق مستحڪم معيشت سا?? آهي. هن چيو ته سياسي پارٽين کي روينيو جنريشن ۽ ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ جي لاءِ منصوبو تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسڪينڊينيوين ملڪن ۾ 91 سيڪڙو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي تناسب جو مثال ڏيندي هن چيو ته پاڪستان جو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جو تناسب رڳو 9 سيڪڙو آهي، ٽيڪس ۾ اضافو حڪومت کي عوام آڏو جوابده به بڻائيندو. پنهنجي پرڏيهي دورن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته عهدو سنڀالڻ کان فوري پوءِ هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ??هو هڪ اهڙو فورم آهي جنهن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي ۽ بعد ۾ يورپ جو دورو ڪيو جتي هوائي جهاز ۾ ٻارڻ ڀرڻ جي لاءِ رڪيس. هن چين ۾ بي آر آءِ فورم، اي سي او سمٽ ۽ ڪوپ 28 سيشن ۾ شرڪت جو پڻ ذڪر ڪيو جتي کيس عالمي اڳواڻن سا?? ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۽ ٻطرفن معاهدن تي صحيحون ڪرڻ جو موقعو مليو. هن وضاحت ڪئي ته نگران حڪومت کي روزاني جا معاملا بشمول پرڏيهي پاليسي جا معاملا هلائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. غيرقانوني، ??يرملڪي شهرين جي وطن واپسي بابت هن هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان رڳو انهن ماڻهن کي ملڪ مان پنهنجي وطن موڪليو آهي جن کي ڪا سڃاڻپ ۽ ڪو رڪارڊ نه هو ۽ اهڙن ماڻهن کي صحيح پاسپورٽ ۽ ويزا حاصل ڪرڻ کانپوءِ واپس اچڻ جي اجازت هوندي. هن چيو ته سوشل ميڊيا هڪ چئلينج آهي جنهن ماڻهن کي انهن جي تعليمي ۽ ذهني صلاحيتن کان هٽي ڪري بااختيار بڻايو آهي، هن سوشل ميڊيا جي مين اسٽريم ميڊيا وانگر ريگيوليشن جي حمايت ڪئي. هن چيو ته نگران حڪومت تي مينڊيٽ کان هٽي ڪري ڪم ڪرڻ تي تنقيد صحيح نه آهي ڇو ته ان جا سمورا قدم قانوني ۽ ڪابينا جي منظوري کانسواءِ قانون واري وزارت جي توثيق رکندڙ آهن.
حڪومت عام چونڊون آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون منعقد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، 8 فيبروي تي چونڊون منعقد ٿيڻ سان گڏ ئي ان جي التوا جي حوالي سان سمورا افواهه دم ٽوڙي ويندا: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina