اسلام آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد جي پغامن تي چين، ترڪيه ۽ گ??يل عربامارات جي قيادت جا ٿورا مڃيا آهن. وزيراعظم چين جي صدر ??ي جن پنگ جي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي مبارڪباد جي پيغام جو جواب ڏيندي چيو ته هو پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه کي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي فليگ شپ منصوبي طور اعليٰ معيار جي ترقي جي لاءِ انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جا پڻ ثورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان سي پيڪ مان مڪمل طور تي فائدو کڻڻ ۽ چين سان تعاون تي ٻڌل سدا بهار حصيداري جي لاءِ ڪم جاري رکندو. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوا?? جا پڻ ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو تاريخي ٻطرفن لاڳاپن کي ڀائيچاري ۽ تعاون جي بي مثال سطح تائين وڌائڻ جي لاءِ انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم گ??يل عرب امارات جي نائب صدر ۽ وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد سميت گ??يل عرب امارات جي قيادت جا پڻ انهن جي نيڪ خواهشن ۽ دعائن تي ٿورا مڃيا. هن مبارڪباد جي خط جي لاءِ يو اي اي جي نائب صدر، نائب وزيراعظم ۽ صدارتي ع??الت جي چيئرمين شيخ منصور بن زيد النهيا?? جا پڻ ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گ??يل عرب امارات جي ڀائراڻي ۽ دورانديش قيادت سان پنهنجي مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪر?? جا منتظر آهيون، گ??يل اعتماد، گ??يل مذهب، تاريخ ۽ ثقافت پاڪستان ۽ گ??يل عرب امارات جي لاڳاپ?? جا ٿنڀ آهن.
وزيراعظم محمد شهباز شريف وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد جي پغامن تي چين، ترڪيه ۽ گڏيل عربامارات جي قيادت جا ٿورا مڃيا
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ