بيجنگ – 14 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي عالمي شعبي جي وزير ليوجيان چائو سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پا??ست??ن جي سياسي پارٽين ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي وچ ۾ پراڻي تعاون ۽ مٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس موجب سينيٽر اسحاق ڊار چين جي بنيادي مسئلن تي پا??ست??ن ج?? مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزير ليوجيان پا??ست??ن جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ اعليٰ معيار جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ چين جي حمايت جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پا??ست??ن ۽ چين جي وچ ۾ آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي اهميت ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پڻ تصديق ڪئي. سي پيڪ جي سمورن منصوبن بشمول ايم ايل – I جي اپ گريڊيشن، گوادر پورٽ ۽ قراقرم هاءِ وي (ڪي ڪي ايڇ) کي ٻيهر جوڙڻ تي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ جي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شانگلا حملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي افسوس ۽ صدمي جو اظهار ڪيو ۽ دهشتگردي جي هر قسم جي خاتمي ۽ شانگلا حملي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ پا??ست??ن جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پا??ست??ن ۾ چيني منصوبن، اهلڪارن ۽ ادارن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پا??ست??ن جي قدمن تي زور ڏنو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ليوجيان چائو کي هن سال سياسي پارٽين جي سي پيڪ جوائنٽ ڪنسلٽيٽو مڪينزم جي اڳ??ين اجلاس جي شريڪ صدارت جي لاءِ پا??ست??ن جي دوري جي باضابطا دعوت ڏني.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي عالمي شعبي جي وزير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل