اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) علي پرويز ملڪ مملڪتي وزير جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو، حلف برداري جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. صدر آصف علي زرداري هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ کانئس حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پارليامينٽ ??يمبرن ?? ز??دگ?? جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. علي پرويز ملڪ تازو ئي ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي لاهور جي تڪ اين اي 119 تان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو هو.
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر