اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته گذر??ل 5 سالن ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي 16 ارب 6 ڪروڙ 81 لک 69 هزار 105 رپين جا اشت??ار جاري ڪيا ويا، جن ۾ پرنٽ ميڊيا کي 9 ارب 48 ڪروڙ 66 لک 82 هزار 855 رپين جا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي 6 ارب 58 ڪروڙ 14 لک 86 هزار 250 رپين جا اشت??ار جاري ڪيا ويا. سينيٽ ۾ سينيٽر سرمد جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1967ع جي سروسز مينوئل تحت اشت??ار جاري ڪيا وڃن ٿا، 2021ع ۾ ايڊورٽائيزمينٽ پاليسي آئي آهي، جنهن ۾ 2022ع ۾ ترميم ڪئي وئي هئي. هن چيو ته ڪنهن زماني ۾ رڳو پي ٽي وي جي ذريعي ئي اشت??ار هلندا هئا. اليڪٽرانڪ ميڊيا جي لاءِ ڪو اهڙو پئمانو نه هو، جنهن تحت جاچ ڪئي وڃي ته ڪنهن کي ڪيترا اشت??ار مليا آهن. ريٽنگ نظام پرائيويٽ ميڊيا جو جوڙيل آهي. هن چيو ته هن وقت ڪنهن به چينل جا اشت??ار بند نه آهن، سڀني ٽي وي چينلز کي انهن جي ريٽنگ موجب اشت??ار ڏنا ??يا وڃن. هن چيو ته اشت??ار ۾ ج??ڪي پيغام ڏنا وڃن ٿا، ان جو مقصد آهي ته اهي موثر طريقي سان ماڻهن تي پهچي سگهن. اليڪٽرانڪ ميڊيا جي حوالي سان ريٽنگ جو نظام پنهنجي جڳهه تي موجود آهي، جڏهن ته نيوز پيپر جي حوالي سان آڊٽ بيورو سرڪيوليشن موجود آهي جي??و اخبارن جي سرڪيوليشن کي چيڪ ڪري ٿو ته ڪهڙي اخبار جي ڪيتري سرڪيوليشن آهي. ان موجب اشت??ار ڏنا وڃن ٿا. هن چيو ته گذر??ل 5 سالن ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي 16 ارب 6 ڪروڙ 81 لک 69 هزار 105 رپين جا اشت??ار جاري ڪيا ويا، جن ۾ پرنٽ ميڊيا کي 9 ارب 48 ڪروڙ 66 لک 82 هزار 855 رپين جا اشت??ار جاري ڪيا ويا، جڏهن ته اليڪٽرانڪ ميڊيا کي 6 ارب 58 ڪروڙ 14 لک 86 هزار 250 رپين جا اشت??ار جاري ڪيا ويا. هن چيو ته نيوز پرنٽ ٻاهرئين ملڪ مان درآمد ڪئي وڃي ٿي، ان تي 10 سيڪڙو ڊيوٽي لڳائي وئي، اسان آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي مطالبي تي ان ڳالهه کي ڏسندا آهيون ته اخبارون مشڪلاتن جو شڪار آهن، بجيٽ ۾ ان ڊيوٽي کي ختم ڪيو وڃي ۽ اخبارن تي ڪو نئون ٽيڪس نه لڳايو وڃي. هن چيو ته پاليسي کي وڌيڪ ٺوس ۽ موثر بڻائڻ جي ضرورت آهي. منهنجي خواهش آهي ته اي پي اين ايس جي رهنمائي سان ٺوس ۽ موثر پاليسي کڻي اچون، جنهن تحت سروسز مينوئل به اپ ڊيٽ ٿئي ۽ 2021ع جي ايڊورٽائيزمينٽ پاليسي کي وڌيڪ فعال ۽ موثر بڻايو وڃي.
گذريل 5 سالن ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي 16 ارب 6 ڪروڙ 81 لک 69 هزار 105 رپين جا اشتهار جاري ڪيا ويا، پرنٽ ميڊيا کي 9 ارب 48 ڪروڙ 66 لک 82 هزار 855 رپين جا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي 6 ارب 58 ڪروڙ 14 لک 86 هزار 250 رپين جا اشتهار جاري ڪيا ويا: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس