اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي چيني حڪومت ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ واپاري فروغ تي تعاون جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحن ۽ گم ٿيل م??ڻهن جي خاندانن جي لاءِ 50 لک رپيا في ڪس امدادي پئڪيج جي منظوري ڏني. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي چيني حڪومت ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ واپاري فروغ تي تعاون جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان مفاهمتي يادداشت جو مقصد وزيراعظم جي تازي چين جي تازي دوري جي ڏس ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ واپار جو فروغ يقيني بڻائڻ ??هي?? مفاهمتي يادداشت تحت پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي سمارٽ فونز جي تياري، نيو انرجي آٽو موبائيل، ٽيڪسٽائيل، زراعت ۽ زرعي مصنوعات جي پراسيسنگ، دواسازي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي صنعتن ۾ تعاون کي فروغ ڏنو ويندو. وفاقي ڪابينا وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي سفارش تي نيشنل يو??يو??سٽي آف ماڊرن لينگويجز اسلام آباد جي چارٽر تي قانونسازي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي سفارش تي بحرين جي تعاون سان پاڪستان ۾ قائم ٿيندڙ نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز بابت ڪنگ حماد يو??يو??سٽي جي بل جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. بحرين جي تعاون سان قائم ٿيندڙ ان يو??يو??سٽي ۾ دور جديد جي گهرجن جي عين موجب تعليم ۽ تربيت فراهم ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا کي گم ٿيل م??ڻهن جي حوالي سان جوڙيل بين الوزارتي ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته افغان جنگ کانپوءِ دهشتگردي پاڪستان کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو، دهشتگردي جي ڪري پاڪستان کي ڪيترن ئي قسمن جا اندروني چئلينجز درپيش آهن. گم ٿيل م??ڻهن تي ڪميشن گذريل هڪ ڏهاڪي کان ڪم ڪري رهي آهي جڏهن ته پنهنجي گذريل حڪومت جي دور ۾ وزيراعظم شهباز شريف سمورين پارٽين تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نگران حڪومت ۾ گم ٿيل م??ڻهن بابت ڪميٽي ٻيهر جوڙي وئي. رپورٽ جي تياري ۾ پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پڻ تعاون ڪيو. ڪابينا ڪميٽي جي سفارشن جي توثيق ڪندي گم ٿيل م??ڻهن جي خاندانن جي لاءِ 50 لک رپيا في ڪس امدادي پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائيزز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 22 جولاءِ 2024ع ۾ ٿيندڙ فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.
وفاقي ڪابينا پاران چيني حڪومت ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ واپاري فروغ تي تعاون جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحن ۽ گم ٿيل ماڻهن جي خاندانن جي لاءِ 50 لک رپيا في ڪس امدادي پئڪيج جي منظوري
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں