اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان دهلي هاءِ ڪورٽ پاران ڪشميري عوام جي حقن جي وڪ??لت ڪندڙ ڪيترين ئي سياسي پارٽين تي پابندي هڻڻ جي ڀارتي فيصلي کي برقرار رکڻ جي تازي فيصلي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارتي حڪومت پاران مقامي سياسي پارٽين تي پابندي ڪشميري عوام کي م??ڪوم بڻائڻ، اختلاف راءِ کي دٻائڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي قبضي کي م??تحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڀارت جي بي لگام مهم جو حصو آهي. ترجمان چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي حقن جي وڪ??لت ڪندڙ پارٽين کي غيرقانوني سرگرمين جي (روڪمٿام) ايڪٽ (يو اي پي اي) تحت خاموش ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اهو قانون ڪشميري عوام تي ڏاڍ جي هڪ هٿيار جي طور تي تيزي سان استعمال ٿي رهيو آهي. ترجمان چيو ته انهن ڪاررواين کي قانوني حيثيت ڏيڻ ۾ ڀارتي عدليه جو ڪردار ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جائز سياسي آوازن کي دٻائڻ جي منظوري ڏيندڙ تازن فيصلن کانپوءِ سامهون آيو آهي، گذريل سال ڀارتي سپريم ڪورٽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڪاررواين کي برقرار رکيو ويو هو. ترجمان ڀارت تي زور ڏنو ته هو سمورين سياسي پارٽين تي پابندي هٽائي جيڪي والاريل ??شمير ۾ غيرقانوني طور تي ڪالعدم قرار ڏنيون ويون آهن، ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادين جو احترامڪ ري، سمورن سياسي قيدين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن کي آزاد ۽ ڄمون ۽ ڪشمير سان لاڳاپيل ??ڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري.
پاڪستان پاران دهلي هاءِ ڪورٽ جي تازي فيصلي جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha