بيجنگ-26 سيپٽمبر (اي پي پي) تاجڪستان جي ٽرانسپورٽ واري وزير عظيم ابراهيم ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ چين، افغانستان، تاجڪستان ۽ پاڪستان وچ ۾ چار ملڪي ٽرانزٽ روٽ جي معاهدي غور ويچار ڪيو ويو. مواصلات واري وزارت طرفان جاري بيان موجب چين ۾ ٿيل گلوبل ٽرانسپورٽ فورم ۾ ٻنهي ملڪن جي وزيرن سائيڊ لائن اج??اس جو به بندوبست ڪيو. ملاقات دوران چين، افغانستان، تاجڪستان ۽ پاڪستان وچ ۾ چار ملڪي ٽرانزٽ روٽ جي معاهدي تي غور ڪيو ويو. وفاقي وزير آگاهه ڪيو ته پاڪستان جوائنٽ منسٽريل ڪميٽي ۽ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي اج??اس لاءِ تيار آهي. عبدالعليم خان چيو ته تاجڪستان جي تازي دؤري جا مثبت اثر سامهون اچڻا آهن ۽ ڊائريڪٽ فلائيٽ جي شروعات ٿي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته ايشيائي ملڪن سان ٻه طرفي ۽ گڏيل واپار کي هٿي ڏيڻ جا خو??هش??ند آهيون. پاڪستان کان تاجڪستان لاءِ چين جي رستي ا?? سڌيءَ طرح واپاري راهداري غور هيٺ آهي. هن تجويز ڏني ته واپاري گاڏيون چين کان خنجراب، ڪاشغر، مرغاب کان تاجڪستان وڃي سگهن ٿيون. وفاقي وزير تاجڪستان جي ٽرانسپورٽ واري وزير سان اين ايل سي جي ٽرالرن جي درپيش مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته چين ۾ جاري گلوبل فورم شريڪ ملڪن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. تاجڪستان جي وزير عظيم ابراهيم پاڪستاني عوام لاءِ خير خواهي جي جذبن جو ا??ها?? ڪيو ۽ پاڪستان سان سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي جو پڻ ا??ها?? ڪيو. عظيم ابراهيم ڳالهائيندي چيو ته گذريل مئي ۾ عبدالعليم خان جي سربراهيءَ ۾ جوائنٽ منسٽريل ڪميٽيءَ جو اج??اس سٺو ثابت ٿيو. تاجڪستان جي وزير ۽ پاڪستان جي وفاقي وزير وچ ۾ ٽريفڪ اينڊ ٽرانزٽ ايگريمينٽ تي ڳالهيون ٿيون. ملاقات ۾ ٻنهي وزيرن مستقبل ۾ گڏيل تعاون ۽ گڏيل سرگرمين کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير ۽ عظيم ابراهيم هڪٻئي لاءِ نيڪ خو??هش?? جو ا??ها?? ڪيو ۽ چيو ته گڏيل معاهدن تي ا??ڀرائي جاري رهندي، ٻنهي وزيرن وفدن سان خوشگوار اج??اس ۾ مختلف معاهدن لاءِ ورڪنگ گروپس جوڙڻ ۽ ٻين تجويزن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
وفاقي وزير عبدالعليم خان سان تاجڪستان جي ٽرانسپورٽ وري وزير جي ملاقات، چين، افغانستان، تاجڪستان ۽ پاڪستان وچ ۾ چار ملڪي ٽرانزٽ روٽ جي معاهدي غور ويچار
مضمون کا ماخذ : números dupla sena