راولپنڊي-05 ڊسمبر (اي پي پي) اينٽي نارڪو ٽڪس (اي اين ايف) منشيات اسمگلنگ خلاف تعليمي ادارن ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جاري ڪريڪ ڊائون دوران وڌيڪ چئن ڪارراوين جي نتيجي ۾ 4 جوابدار گرفتار ٿيا، اي اين ايف هيڊڪوارٽر راولپنڊي مان جاري ڪيل تفصيلن موجب ڪاررواين دوران 20 لک روپين کان وڌيڪ جي ماليت جي 16.7 ڪلوگرام منشيات ۽ 23 ليٽر شراب هٿ ڪيو ويو، ٽنڊو ڄ??م يونيورسٽي ويجهو جوابدارن جي قبضي مان 5 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته حيدرآباد ۾ هڪ ٻي يونيورسٽي ويجهو جوابدارن وٽان 2 ڪلو چرس ?? 23 ليٽر شراب هٿ ڪيو ويو. ترجمان اي پي پي کي ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات و??رو ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي، ٻين ڪاررواين دوران سيالڪوٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ وٽان بحرين ويندڙ مسافر وٽان 2.5 ڪلوگرام آئيس هٿ ڪئي وئي، هوڏانهن راءِ ونڊ روڊ قصور ويجهو رڪشا ۾ لڪايل 7.2 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، اي اين ايف جي ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن خلاف منشيات ??ي روڪٿام واري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
اي اين ايف پاران ٽنڊوڄام ۽ حيدرآباد ۾ ڪاررويوان، تعليمي ادارن ۾ منشيات فراهم ڪندڙ جوابدار گرفتار
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria