گڏيل قومون- 19 جنوري (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو آهي ته اها والاريل فلسطين ۾ اسرائيلي اختيارين هٿان انساني حقن جي خل??ف ورزين ۽ مسجد اقصيٰ ۾ مسلسل اشتعال انگيزي کي روڪڻ لاءِ فوري ۽ ڀرپور عزم سان ڪارروائي ڪري ۽ عالمي قانونن ۽ وچ اوڀر تڪرارن تي گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم 15 رڪني سلامتي ڪائونسل جي وچ اوڀر جي صورتحال تي بحث دوران چيو ته ٻه رياستي حل ئي اسرائيلي فلسطين تڪرار جو واحد حل آهي. هن اسرائيلي وزيراعظم بنيا مين نيتن ياهو کي قيادت ۾ انتهائي ساڄي ڌر جي حڪ??مت جو حوالو ڏيندي چيو ته اسرائيلي قيادت ۾ وڌندڙ انتهاپسندي کي ٻه رياستي حل جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي اجازت ن?? ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن جي ذهن ۾ اهو سوال نه آهي ته والاريل فلسطيني سرزمين ۾ اسرائيلي يهودي وستين لاءِ فلسطينين جي زمينن ۽ جائيدادن تي قبضا، معصوم فلسطيني ٻارن، عورتن ۽ نوجوانن خلاف تشدد، غزه جي ناڪابندي ۽ بيت المقدس ۾ مسجد اقصيٰ جي بي حرمت?? ج??ڙي اسرائيلي قيادت جا قدم سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ انساني همدرد?? ج?? قانونن سميت عالمي قانونن جون سنگين خل??ف ورزيون آهن. سلامتي ڪائونسل جو هي اجلاس پاڪستان سميت 90 کان وڌيڪ ملڪن جي ان بيان تي صحيح جي ڏس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ گڏيل قومن ج?? ج??رل اسيمبل?? ج?? قرارداد کانپوءِ فلسطيني عوام، قيادت ۽ سول سوسائٽي خلاف اسرائيل جي اشتعال انگيز قدمن تي ”گهري ڳڻتي“ جو اظهار ڪيو ويو. پاڪستاني نمائندي چيو ته هو فلسطين تي اسرائيل جي غير قانوني قبضي خلاف انصاف جي عالمي عدالت (آءِ س?? ج??) جي قانوني راءِ جا منتظر آهيون، هن اميد ظاهر ڪئي ته انصاف جي عالمي عدالت جي راءِ والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيل جي ڏوهن لاءِ جوابده?? ج?? سبب بڻجندي. هن چيو ته گذريل سال دوران اسرائيلي ڪاررواين ۾ وڏي تعداد ۾ فلسطيني ماريا ويا، هن اسرائيل طرفان مسجد اقصيٰ سميت اسلامي ۽ عيسائي مقدس ماڳن جي خلاف جاري جارحيت ۽ اشتعال انگيزي تي ڳڻت?? ج?? اظهار ڪيو.
سلامتي ڪائونسل فلسطين ۾ اسرائيلي اختيارن جي انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي روڪڻ لاءِ ڀرپور عزم سان ڪارروائي ڪري: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania