مڪو شريف- 02 جون (اي پي پي) حرمين الشريفين جي انتظاميه حج سيزن ۾ حاجي سڳورن جي استقبال جو سڀ کان وڏو ??پر??شنل پلان جاري ڪري ڇڏيو آهي. سعودي خابرو اداري موجب الحرمين الشريفين انتظاميه جي سربراهه شيخ ڊاڪٽر عبدالرحمان السديس چيو آهي ته هن سال حج سيزن جو ??پر??شنل پلان انتظاميه جي تاريخ جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي ۽ ڪورونا وائرس وبا جي خاتمي کانپوءِ معمول موجب حج ٿيندو. هن چيو ته هن سال حج سيزن ۾ مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ زائرين لاءِ 185 پروگرام تيار ڪيا ويا آهن. انهن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ مصنوعي ذهانت، ڊجيٽل سسٽم ۽ مختلف شعبن ۾ اليڪٽرانڪ نظام کان ڪم ورتو ويندو. ڊاڪٽر السديس چيو ته حاجين ۽ زائرين جي خدمت اسان لاءِ اعزاز جي عنوان سان اسپيشل مهم به هلائي ويندي. هن چيو ته حرمين الشريفين انتظاميه هن سال 14 هز??ر تربيت يافته اهلڪارن جي خدمت حاصل ڪندي، ايترو وڏو تعداد تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙين جاين جتي زائرين وڏي تعداد ۾ هوندا اتي ڪارڪن وڌيڪ انگ ۾ مقرر ڪيا ويندا. مطاف، سعودي دالان، صفا ۽ مروه جي وچئين حصي، اندروني ۽ ٻاهرين اڱڻ ۾ هر ??اء?? تي ڪارڪن خدمت لاءِ موجود هوندا. هن چيو ته مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ 8 هز??ر کان وڌيڪ رضاڪار حاجين جي خدمت ڪندا. مختلف قسم جا 10 ڪم سرانجام ڏيندا، ڊاڪٽر السديس چيو ته وهيل چيئر سروس کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي. وهيل چيئرز جو انگ 9 هز??ر ڪيو ويو آهي جيڪي 24 ڪلاڪ مهيا ٿينديون. تنقل ايپ ذريعي حرم شريف اچڻ کان اڳ وهيل چيئر بڪ ڪرائي سگهبي. ان موقعي تي سعودي حج واري وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه ۽ سعودي ميڊيا جا نمائندا به موجود هئا.
حرمين انتظاميه طرفان حج سيزن ۾ حاجين جي استقبال لاءِ وڏو آپريشن پلان تيار، 185 پروگرام ترتيب
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان