ويٽي ڪن – 01 اپريل (اي پي پي) ڪيٿولڪ چرچ جي ??ربراهه ۽ عيسائين جي ??وحاني پيشوا پوپ فرانسس غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ سمورن يرغمالين جي ??زادي جو مطالبو ڪيو آهي. جرمن نشرياتي اداري مطابق هن ايسٽر سنڊي جي ??طاب دوران جنگين سبب پيدا ٿيل مشڪلاتن تي ا??سو?? جو اظهار ڪيو. هن هڪ ڀيرو ٻيهر غزه جنگ ۾ ٿيل جاني نقصان ۽ تباهي تي ا??سو?? جو اظهار ڪندي جنگبند?? جي پنهنجي مطالبي جي ??جديد ڪئي. هن چيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر اپيل ڪري ٿو ته غزه ۾ انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. يرغمالين جي فوري آزادي ۽ غزه ۾ فوري جنگبندي جي ??پيل ڪري??ن ٿا. هن چيو ته اسان ٻارن جي ??کين ۾ وڌيڪ ڪيتريون تڪليفون ڏسنداسين، انهن جنگي علائقن ۾ ٻار مسڪرائڻ وسري ويا آهن. انهن اکين سان ٻار اسان کان پڇن ٿا، ڇو؟ اهي سڀ شهادتون ڇو؟ اها سڀ تباهي ڇو؟ جنگ هميشا کان هڪ بي معني شي ۽ ان ۾ شڪست هوندي آهي.
پوپ فرانسس جو غزه ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون