ڍاڪا -08 آگسٽ (اي پي پي ) بنگلاديش جي نوبل انعام يافته معاشي ماهر ۽ بينڪر ڊاڪٽر محمد يونس عبوري حڪومت جي سربراهه طور حلف کڻڻ لاءِ پيرس کان وطن واپس ??وا??و ٿي ويو. انڊيا ٽو ڊي جي رپورٽ موجب 84 سالن جو محمد يونس علاج لاءِ فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ موجود هيو. بنگلاديش جي فوج طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر محمد يونس جي سربراهيءَ ۾ عبوري حڪومت حلف کڻندي. وطن واپسي جي ??وا??گي کان اڳ پيرس جي چارلز ڊي گال هوائي اڏي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر محمد يونس چ??و ته بنگلاديش جي صورتحال کان آگاهه آهيان ۽ وطن واپس ??وا??و ٿي رهيو آهيان. هن چ??و ته ملڪ کي موجوده صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ تي غور ڪري رهيا آهيون. رپورٽ موجب بنگلاديش ۾ عوامي احتجاج جي نتيجي ۾ اقتدار ??ڏي ڀارت ويل اڳوڻي وزيراعظم حسينه واجد ۽ ڀارتي حڪومت ۾ موجود سندس خير خواهه ڪنهن يورپي ملڪ ۾ سياسي پناهه جي ح??صل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
بنگلاديش جي صورتحال کان آگاهه آهيان: ڊاڪٽر محمد يونس
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں