ماسڪو- 17 ڊسمبر (اي پي ??ي) روس چيو آهي ته ايران کي يوريشين اڪنامڪ يونين مبصر رياست جو درجو ڏنو ويندو. پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب روسي وزيراعظم ميخائل ميشوسٽين ڪالهه روسي اخبا?? کي ٻُڌايو ته يوريشين اڪنامڪ يونين (اِي اي اِي يو) جي پرڏيهي ناتن کي مضبوط بنائڻ تي توجهه کتل آهي. مبصر رياستن جو دائرو وسيع ٿي رهيو آهي. ازبڪستان ۽ ڪيوبا کان علاوه ايران کي به اهو درجو ملندو. هن چيو ته اِي اي اِي يو جي چئن ملڪن سان آزاد واپاري معاهدا آهن ۽ يوريشين اڪنامڪ يونين شي?? جي آمدني واپا?? کي وڌائڻ ۽ غير رياست?? جي ميمبرن سان چٽاڀيٽي جي قيمت جي آمدني واپا?? کي يقيني بنائڻ لاءِ وڌيڪ ملڪن سان ڳالهيون جاري آهن. يوريشين اڪنامڪ يونين پهرين جنوري 2015ع تي قائم ڪئي وئي. يونين ۾ في الحال پنج ملڪن جا ميمبر روس، قازقستان، بيلاروس، ڪرغزستان ۽ آرمينيا شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج