اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير م??يم اورنگزيب چيو ??هي ته وزيراعظم جو پاناما ليڪس سان ڪو به تعلق نه آهي، وزيراعظم ۽ شريف خاندان سدائين عدليه ۽ عدليه جي فيصلن جو احترام ڪيو آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف پاناما ليڪس ۾ ن??لو نه هجڻ جي باوجود جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيا. سپ??يم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير م??يم اورنگزيب چيو ته جڏهن پاناما ليڪس آئي ته وزيراعظم محمد نواز شريف سپ??يم ڪورٽ کي خط لکيو ته پاناما ليڪس تي ڪميشن يا جي آءِ ٽي جوڙي وڃ??. وزيراعظم محمد نواز شريف جيڪو ٽيون ڀيرو عوام جي مينڊيٽ وٺي وزيراعظم بڻيو ??هي اهو شروع ڏينهن کان ئي هي چاهي ٿو ته پاناما ليڪس جو جلد آئيني طريقي سان حل نڪري. هن چيو ته اسان جا مخالف جيڪي پهرين ڌرڻا، احتجاج، ڪوڙا الزام ۽ ڪوڙ جو سهارو وٺي سياست ڪري رهيا هئا پاناما ليڪس کي سياسي حربي طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
وزيراعظم جو پاناما ليڪس سان ڪو به تعلق نه آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores