جده – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان 18 ۽ 19 سيپٽمبر تي سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي سعودي عرب جو 2 ڏينهن جو دورو ڪيو. پرڏيهي وزير شاه?? محمود قريشي، ناڻي وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ وز??را??ظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود پڻ ساڻس گڏ هئا. وز??را??ظم عمران خان جو سعودي فرمانروا خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جده ۾ پنهنجي محل اچڻ تي استقبال ڪيو جتي کيس گارڊ آف آرنر ڏنو ويو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي سياسي صورتحال ۽ مسلمان امت کي درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ گڏيل د??چس??ي جي معاملن تي تعاون جاري رکڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔