اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي اڪثر ادارن وٽ ڪو بزنس ريسرچ ۽ منصوبابندي موجود نه آهي جنهن جي بنياد تي ميڊيا جي بدلجندڙ ماحول کي منهن ڏيڻ جي منصوبابندي ڪري سگهجي، ميڊيا انڊسٽري جي بحران جو تعلق معيشت سان نه آهي پر ٽيڪنالاجي سان آهي، ميڊيا پليٽ فارمز تيزي سان بدلجي رهيو آهي، روايتي ميديا جي اشتهارن جي آمدني گهٽ جڏهن ته غير روايتي ميديا جي وڌي رهي آهي، حڪومت پنهنجي مهم پاليسي تبديل ??ري ان ۾ ڊجيٽل ميڊيا کي به شامل ڪيو آهي، هاڻي اشتهارن جو ٽيون حصو آمدني ڊيجيٽل ميڊيا ڏانهن ويندي. پاڪستان جي پهرين انڪيو بيٽر اينڊ ايسيليٽر فار ٽيڪ بيسڊ ڊجيٽل ميڊيا اسٽارٽ اپ ”ميڊيا ليب“ جي لانچنگ تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي و??اقي وزير چيو ته فيس بڪ انتظاميه کي چيو آهي ته جيڪڏهن هو پاڪستان کان اشتهار وٺڻ چاهي ٿي ته هتي پنهنجي آفيس کولي.
ملڪ ۾ ميڊيا جي ادارن وٽ بزنس ريسرچ ۽ منصوبابندي نه آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر