پشاور– 19 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ۾ اڄ ڪلهه بنارسي ٺڳن جو ٽولو افراتفري پکيڙڻ جي ڪوشش ۾ آهي پر عوام جنهن 2018ع جي عام چونڊن ۾ ان ٽولي کي رد ڪيو هن ڀيري به انهي ٽولي کي ناڪامي ۽ نامرادي ج?? ور چاڙهينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور پريس ڪلب ۾ ”ميٽ دي پريس“ کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان ۾ موجوده سياسي ويڙهه ٻن قوتن جي ج??گ آهي هڪ قوت اها جنهن 40 سال ملڪ جي اقتدار کي ذاتي جاگير طور استعمال ڪيو ۽ ان دوران ذاتي مفادن جي پڄاڻي ڪئي، ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر اثاثن ۾ اضافو ۽ مال ۽ دولت ٺاهڻ لاءِ قومي ادارن کي تباهي ج?? ور چاڙهڻ کان به پاسو نه ڪيو، جڏهن ته ٻ?? طرف عمران خان ۽ ان جي ٽيم آهي ج??ڪا امانت ۽ ديانت جي تقاضائن جي پڄاڻي ڪندي ملڪ کي ڪرپٽ ٽولي ج?? تباهڪارين جي اثرن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۽ ان کي حقيقي ترقي ۽ خوشحالي ج?? راهه تي گا??زن ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي.
بنارسي ٺڳن جو ٽولو افراتفري پکيڙڻ جي ڪوشش ۾ آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa